تان سين

تان سين

تان سين

تانسين: تان سين موسيقي جي دنيا جو ديو مالائي ڪردار آهي. جنهن بابت ڪيتريون ئي روايتون آهن، پر تحقيق جو ڪم مٿس ڪونه ٿيو آهي. ننڍي کنڊ جي موسيقي جو هي ستارو اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ چمڪي ٿو. تان سين بابت افسانه به جام ملن ٿا. اهي ڪجهه حقيقت کي ويجهو به آهن. آئين اڪبري ۾ تان سين بابت چار سٽون ملن ٿيون، ميان تان سين کي راڳ جي هنر جو استاد ۽ هڪ ذهين انسان هجڻ ڪري اڪبر جي درٻار ۾ داخل ڪيو ويو. هزارن سالن جي تاريخ ۾ هن جهڙو موسيقار پيدا نه ٿيو آهي“. هن بيان مان اهو ته ثابت ٿي ويو ته هو مسلمان هو، ڇو ته ميان لفظ مسلمانن لاءِ استعمال ٿيندو آهي. جڏهن ته هن کي ڪي ماڻهو هندو سمجهن ٿا. چون ٿا ته تان سين وڏين دعائن کان پوءِ ڄائو هو. هن جي پيءُ ماءُ اوليائن جا آستان ڀيٽيا هئا. نيٺ بزرگ شيخ محمد غوث گوالياري جي دعا اگهامي ۽ تان سين ڄائو. سندس ڄمڻ جو سن 1524ع چيو وڃي ٿو. سندس اصل نالو ثناءُ الله خان هو. ننڍي هوندي کيس ”سين“ ڪري سڏيندا هئا. راڳي ٿيو ته اڳيان تان لڳائي تان سين سڏيائونس. تان سين لفظ جي معنيٰ آهي ”راڳ جو آلاپ“، تان سين ڪجهه وڏو ٿيو ته کيس غوث محمد گوالياري وٽ کڻي ويا، جيڪو راڳ جو وڏو ڄاڻو ۽ گائڪ به هو. ان وقت تان سين جي عمر چار سال، چار مهينا ۽ چار ڏينهن هئي. شيخ صاحب کيس هنج ۾ ويهاري سندس چپن تي پنهنجي وات جي پڪ مکي چيو ته هي عظيم ۽ ناليوارو راڳي ٿيندو. هي ننڍي هوندي کان شيخ گوالياري وٽ رهڻ لڳو ۽ اتي باغ ۾ ويهي پکين ۽ جانورن جون ٻوليون نقل ڪندو هو. انهن ۾ مٺيون ته ڀليون هيون پر جڏهن شينهن جي گجگوڙ ڪندو هو ته اڀ ڏاري وجهندو هو. هن جو پهريون استاد بابا هريداس هو، جلد ئي هن کي راجا مان سنگهه مڪتبه فڪر جي اسڪول ۾ وڌيڪ موسيقي سکڻ لاءِ ڇڏيو ويو. جتي هن ست سال گذاري هر قسم جي راڳ، راڳڻي، لئه ۽ تال تي عبور حاصل ڪيو. اتي ئي هن ديپڪ راڳ به سکيو. هن جي ملاقات گجرات جي وڏي گائڪ بيجو باورا سان ٿي. بيجو باورا سندس راڳ ٻڌي خيال ڪيو ته مان به تان سين ٿي سگهان ٿو. هن سخت رياض ڪيو ۽ گواليار ۾ وڃي تان سين کي راڳ جي مقابلي جي دعوت ڏنائين. چون ٿا ته وڏو مقابلو ٿيو جو رڳو ماڻهو ته ڇڏيو پر جهنگ جا هرڻ ۽ ٻيا جانور به ٻنهي فنڪارن جي راڳ آڏو بيهي رهيا، چون ٿا ته بيجو باورا سارنگي وڄائيندو هو. انهيءَ واقعي يا مقابلي ۾ ڪاميابي تان سين جي ٿي. جو هن کي راڳ ديپڪ تي عبور هو. ان بعد جلد شير شاهه سوريءَ هن کي پنهنجي دربار ۾ رکيو. چون ٿا ته انهيءَ عرصي ۾ هن جي لنؤُن شير شاهه سوري جي جانشين سان لڳي وئي. انهيءَ شهزادي جي عشق ۾ پنهنجو دماغي توازن وڃائي ويٺو. هن محبت جو تفصيل سان ذڪرتان سين“ ڪتاب، جيڪو شير سنگهه ۽ ڪمار گنڌرا جو لکيل آهي، ان ۾ ڏنل آهي. ڪيترو عرصو انهيءَ حالت ۾ رهڻ کان پوءِ جڏهن ذهني ڪيفيت ٺيڪ جاءِ ٿيس ته دهلي هليو آيو ۽ اتي ملان سلامت وٽ رهڻ لڳو، جيڪو پيش امام هجڻ سان گڏ راڳ جو ڄاڻو به هو. ان سان گڏ هن پشاور ۽ سيوهڻ جو سير به ڪيو. ڪافي عرصو سيوهڻ ۾ رهيو ۽ درٻار قلندر تي حاضريون ڏنائين. جتان واپس وڃي مٿرا ۾ بابا هريداس کان ٿيندو بنگال ويو. موٽندي راجا رامچندر جي درٻار ۾ ٽڪيو، جتي راجا کيس درٻاري ڳائڻي جو رتبو ڏنو. راجا رامچندر جي درٻارين جو ذڪر ڪندي لکيو ويو آهي ته ”تان سين“ درٻار جو مکيه رڪن هو، جيڪو ڪيتريون ٻوليون ڄاڻيندو هو. هن جهڙو راڳي نه آهي ۽ نه وري هزار سالن تائين ڪو ٿيندو. ان وقت جليل قدر بادشاهه اڪبر جو زمانو هو. جيڪو موسيقي جو وڏو متوالو هو. ان وقت سندس درٻار ۾ زين خان نالي ڳائڪ کي درٻاري ڳائڻي جو رتبو حاصل هو. جنهن اڪبر کي ٻڌايو ته رامچندر جي درٻار ۾ تان سين نالي گويو کانئس وڌيڪ راڳ ڄاڻي ٿو. اڪبر بادشاهه جلال خان نالي پنهنجو نمائندو موڪلي تان سين کي پنهنجي درٻار ۾ آندو ۽ جتي تان سين قابليت ۽ لياقت سان نون رتنن مان هڪ ٿيو. هن ۾ ايجاد ۽ نواڻ پسندي جو مادو تمام گهڻو هو. هن ڪيترائي راڳ ايجاد ڪيا، جن مان درٻاري راڳ به هڪ آهي، جيڪو رات جي پهرين پهر ۾ ڳائبو آهي. بلمپت ۾ ڳائڻ سان هن جو تاثير اڃا وڌي ٿو. اڪبر بادشاهه هڪ ڀيري تانسين کان پڇيو ته تو کان وڏو گائڪ به ڪو آهي ته هن هري بابا جو نالو کنيو، جيڪو هن جو استاد هو. اڪبر بادشاهه هري داس وٽ منزل ڪري راڳ ٻڌائڻ جي گذارش ڪئي، پر بابا هريداس جواب ڏنو ته هو ڪنهن به بادشاهه جي حڪم تي راڳ ڪو نه ڳائيندو آهي. هڪ عجيب واقعي جو ذڪر هتي ضروري آهي. جنهن جو واسطو سنڌ جي تاريخ سان آهي خانان خان جڏهن سنڌ تي چڙهائي ڪري جاني بيگ جيڪو مغلن طرفان ٺٽي جو حاڪم هو، ان کي گرفتار ڪيو، تڏهن اڪبر بادشاهه تان سين کي جاني بيگ جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ لاءِ موڪليو ته هو سندس آڏو ڳائي. بظاهر اها هڪ شاهاڻي عزت هئي، ڇو ته موٽ ۾ بادشاهه گهڻيون سوکڙيون ڳائڻن کي ڏيندا هئا، پر جاني بيگ جي آڏو جڏهن تان سين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ته هن وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه هو. مگر جاني بيگ هلندي محفل مان اٿي ست ڀيرا تان سين چوڌاري ڦيرا پاتا ۽ محبت مان چيائينس ”تان سين مون وٽ آڇڻ لاءِ بس اهو آهي“. ست ڀيرا ڦيرا پائڻ جو مطلب آهي، زندگي آڇڻ. تان سين به انهيءَ مليل عزت جو اعتراف ٻئي هٿ ٻڌي ڪيو ۽ چيو ته هن اڪبر بادشاهه جي آڏو به ڪڏهن هٿ نه ٻڌا آهن. تان سين جو هڪ عورت سان معاشقي جو ذڪر به ”تان سين“ نالي هندي ۾ لکيل ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي. هن جو تاني نالي هڪ ڳائڻيءَ سان پيار ٿي ويو. هڪ ڀيري تان سين پنهنجي محبت جي اظهار لاءِ سندس آڏو ديپڪ راڳ ڳايو ته وسايل ڏيا ٻري پيا!، تاني ايتري ته وڏي ڳائڻي هئي جو هن مينگهه ڇيڙي انهيءَ باهه کي اجهايو. تان سين پوءِ ان سان شادي ڪئي. اها به لوڪ ڪهاڻي طور مشهور آهي. هن ميان جي ٽوڙي ۽ ميان ملهار راڳڻين ايجاد ڪرڻ کان سواءِ رباب ساز به سڌارا آندا. تان سين جي ڳائڻ واري انداز کي گوالياري گائيڪيءَ جو نالو ڏنو وڃي ٿو. هن جي پوين مان ٽي مشهور ۽ وڏا راڳي پيدا ٿيا. 1. تان راس خان، 2. بيلا راس خان جنهن بيلاس خاني ٽوڙي ايجاد ڪئي ۽ 3. مامن خان. 65 سالن جي ڄمار ۾ 1589ع ۾ تان سين وفات ڪئي. گواليار ۾ سندس قبر موجود آهي، جنهن تي لکيل آهي.”تان سين راڳ جو بادشاهه هو. هن راڳ ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي اباڻي ڳوٺ گواليار ۾ سکيو. هي اڪبر بادشاهه جي نون رتنن مان هڪ هو. هندوستان ۾ هن جهڙو گائڪ اڃا پيدا نه ٿيو آهي“سندس قبر جي مٿان گدامڙي جو وڻ آهي. گهڻا ڳائڻا تبرڪ طور ان گدامڙي جي وڻ جا پن آواز کي سٺو ڪرڻ لاءِ کائيندا آهن. سنڌ ۾ تان سين جي گواليار گهراڻي جا گائڪ موجود آهن، جيڪي سنڌي راڳداري ۾ وڏو نالو رکن ٿا.


لفظ تان سينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو